محمد بخش خان مھر پاران شهر جو پيادل دورو،عوام سان ملاقات

محمد بخش خان مھر پاران شهر جو پيادل دورو،عوام سان ملاقات

خانپور مهر(ن س) پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر پاران خانپورمهر جو پيادل دورو، ترقياتي منصوبن جو جائزو، اسڪول ۽ اسپتال جو وزٽ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانڳڙه لاءِ ذاتي زمين ڏيڻ جو اعلان. پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر خانپورمهر جو اوچتو پيادل دورو ڪري شهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ۽ عوام سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪيا. خانپور مهر جي مارڪيٽ ۾ زرعي ڊيلرن وٽ وڃي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا ريٽ معلوم ڪيا. پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر شيخ همدان بن محمد اسپتال خانپور مهر پهچي عملي کي مريضن جي بهتر علاج لاءِ هدايتون جاري ڪيون.ان کان علاوه گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانڳڙه شريف جو دورو ڪري اسڪول لاءِ ذاتي زمين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ٻي پاسي گورنمينٽ پرائمري اسڪول عالم خان گڏاڻي ۾ پهچي شاگردن کان تعليمي سرگرمين متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ اسڪول انتظاميه کي مڪمل سھولتون فراهم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي . ان موقعي تي خانڳڙه ٽائون جي چيئرمين جو اميدوار حاجي عبدالرزاق خان مھر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو