خانپورمهر(ن سنڌيار) خانپورمهر پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر چونڊن سرگرمين تيز ڪري ڇڏيون مختلف ڳوٺن پيراڻو مهر. قائم سيال. علي احمد سيال. ٽوهه مهر. سجاول مهر. مٺو عارباڻي. شريف مھر. آندل مهر. وڌڻ مهر. دليل ميتلو. ٻين ڳوٺن ۾ پهچي ورڪ مهم تيز ڪري ڇڏيون. مختلف علائقن م ڪارنر گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مخالف اها اجائي واويلا ڪن ٿا ته ضلعي چيئرمين جي سيٽ ڪنهن ٻئي هنڌ پئي وڃي. اهو غلط آهي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي سيٽ خانڳڙھ ۾ رهندي مخالف جو آهي ڪوڙا بيان نه هلندا عوام سجاڳ ٿي وئي آهي 26 تاريخ تي انشاءاللہ اسان جي ڪاميابي ٿيندي. هن چيو 26 تاريخ عوام کي نڪرڻو پوندو. ھن چيو اسان جو ماڻهن محبت واري رشتو آهي اسان هميشه عوام کي ڏنو پر کسيو نه آهي.هن چيو ته ماڙي گئس ڪمپني کان اربين رپين جا ترقياتي ڪم ٿي رهيا. فرسٽ فيس ۾ ڪم هلن ٿا ۽ ٻيا ڪم ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٿيندا هن چيو ته جئين عوام مون کي ڪامياب ڪيو هو انشاء الله اسان جو هاڻي به اميدوارن کي ڪامياب ملندي. جڏهن ته ان موقعي حاجي زبردست خان مهر ۽ٻيا پڻ محمد بخش خان مهر سان گڏ هئا










