اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي مقرري کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف پاران محسن نقوي جي مقرري کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف سياسي پارٽي ۽ اسد عمر پي ٽي آءِ محسن نقوي جي سيڪريٽري طور مقرري خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.تحريڪ انصاف جي درخواست ۾ محسن نقوي کي نگران وڏي وزير طور ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن بابر حسن ۽ اڪرام الله جي مقرري کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي، محسن نقوي جي نگران وڏي وزير جي مقرري جو نوٽيفڪيشن غير آئيني قرار ڏنو وڃي ۽ محسن نقوي کي پنجاب جي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ کان روڪيو وڃي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جانبدار آهي ۽ پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جو آئين آرٽيڪل 218 جي شرطن تي پورو نٿو لهي.درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني حيثيت وڃائي چڪي آهي، اليڪشن ڪميشن خلاف بدانتظامي جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ قرار ڏئي ته جانبدار اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ شفاف چونڊون نه ڪرائي سگهي، سپريم ڪورٽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي متحرڪ ڪري صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ جمهوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا وڃن.ان کان علاوه پي ٽي آءِ راجا رياض کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻائڻ واري فيصلي کي به عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته راجا رياض کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن غير آئيني آهي، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.










