اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزارت محرم الحرام دوران سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 245 تحت سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان گهرو وزارت چئني صوبن سميت گلگت ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.وفاقي گهرو وزارت موجب فوج جي مقرري سمورن صوبن جي درخواست تي لاڳو ڪئي وئي آهي.










