محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي هدايت

محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي هدايت

نوابشاهه (ن سنڌيار) شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن رشيد احمد زرداري جي صدارت ھيٺ هڪ اجلاس ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن رشيد احمد زرداري چيو ته محرم الحرام اسان کي صبر، ڀائيچارگي جي فضا قائم رکڻ جي تلقين ڪري ٿو انھي لاءِ ضروري آهي ته محرم الحرام دوران امن امان جي فضا کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني فرقن سان تعلق رکندڙ عالم سڳورا، مذهبي اڳواڻ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ڪمشنر ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ضلعن ۾ ضلع امن ڪميٽين جا اجلاس منعقد ڪري محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ سميت ٻين انتظامن کي يقيني بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن ڪمشنر ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ کي ھدايت ڪئي ته محرم الحرام کان اڳ ڊويزن جي سمورن شھرن خاص طور تي امام بارگاهن، مسجدن جي آسپاس ۽ ماتمي جلوسن جي روٽن تي صفائي جي صورتحال کي فوري طور تي بھتر بڻائي روشني جو خاص انتظام ڪيو وڃي ھن حيسڪو ۽ سيپڪو جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته پهرين کان ڏهين محرم الحرام تائين بجلي جي فراهمي جو اهڙو شيڊيول ترتيب ڏنو وڃي ته جئين شام ۽ رات جي وقت منعقد ٿيندڙ مجلسن دوران بجلي جي فراهمي جاري رکي سگهجي ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪمانڊر انڊس رينجرز برگيڊئير عدنان اورڪزئي چيو ته امن امان جي فضا قائم رکڻ ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان وڌيڪ عالم سڳورن تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به جماعت جي عالم جي نفرت انگيز تقرير ڪري امن امان جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو انهي ڪري سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالم سڳورا ۽ مذهبي اڳواڻ مذهبي رواداري قائم رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن انهي موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي پوليس شهيد بينظيرآباد خادم حسين رند چيو ته ڊويزن ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي فضا برقرار رکڻ، مجلسن ۽ ماتمي جلوسن سميت ٻين مذهبي پروگرامن لاءِ سيڪيورٽي پلان ترتيب ڏنو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ضابطي اخلاق تي هر صورت ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو جڏهن ته ڪنهن به شخص يا تنظيم کي نئين روايت قائم ڪرڻ، اجازت نامي کانسواءِ ماتمي جلوس جو روٽ تبديل ڪرڻ ۽ ڏنل وقت کان وڌيڪ وقت جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي هن وڌيڪ چيو ته امن امان ۾ خلل وجهندڙن ۽ قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور،ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ اعجاز جتوئي، اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهروفيروز احسان الله پاران پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ محرم الحرام جي حوالي سان هن وقت تائين ڪيل انتظامن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي جڏهن ته مختلف مڪتب فڪر سان لاڳاپيل عالم سڳورن ۽ مذهبي اڳواڻن پاران محرم الحرام دوران پيش ايندڙ مسئلن جي حل ۽ امن امان جي فضا قائم رکڻ لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد سيد پريل شاھه، فياض حسين راهوجو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عبدالستار راٺوڙ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراهو سميت پوليس، تعليم، صحت، حيسڪو، سيپڪو کان علاوه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن ۽ مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو