محرمالحرام ۾ عزادارن کي سھولتون فرھام ڪيون وينديون:ڊي سي

محرمالحرام ۾ عزادارن کي سھولتون فرھام ڪيون وينديون:ڊي سي

ڪراچي : ( رپورٽر ) ڪياماڙي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙي چيو آھي ته محرمالحرام ۾ عزادارن کي سھولتون فرھام ڪيون وينديون سائيٽ ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو جي صدارت ۾ اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ پوليس ۔رينجرز۔جي آفيسرن ڪي اليڪٽرڪ ـ واٽربورڊ ۔ سنڌ سالڊ جي نمائيندن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي مختيارعلي ابڙو چيو محرم الحرام ۾ سڪيورٽري جا انتظام سخت ڪيا وڃن ھن چيو ته عزادرن کي پاڻي ۽ صحت جون سھولتون فرھام ڪرڻ سان گڏ انھن کي سڪيورٽري فرھام ڪئي ويندي سندس چوڻ ھو ته ڊيوٽي دوران ڪابه ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي مختيار علي ابڙو چيو ته پھرين محرم کان ڏھين محرم تائين ھو پاڻ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء دورا ڪندا رھندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو