محترمه جي 15 هين ورسي، سڀاڻي سندس يادون ساريندس: بلاول

محترمه جي 15 هين ورسي، سڀاڻي سندس يادون ساريندس: بلاول

لاڙڪاڻو (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي شهيد امڙ محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي پهچي ويو.ان حوالي سان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان اڄ پنهنجي تقرير ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪندس، پرڏيهي، معاشي ۽ دهشتگردي جي سطح تي مسئلن تي به ڳالهائيندس.هن چيو مان سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو اچو ته جيئن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس 15 هين شهادت واري ڏهاڙي تي ڀيٽا پيش ڪيون.سندس چوڻ هو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمريت ۽ انتهاپسندي خلاف غير معمولي جدوجهد کان رهنمائي ورتي آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو مون کي سيکاريو ته اسان کي رڳو عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو