مجيد برگيڊ ڇو، ڪيئن ۽ ڪڏهن ٺهي؟

مجيد برگيڊ ڇو، ڪيئن ۽ ڪڏهن ٺهي؟

ڪراچي(رپورٽ رياض سهيل) اڱاري ڏينهن ڪراچي يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. پابندي مڙهيل بلوچ شدت پسند گروپ، بلوچ لبريشن آرمي جي مجيد برگيڊ حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. مجيد برگيڊ، 2011 ۾ ٺاهي وئي، هن سال فيبروري ۾ بلوچستان جي نوشڪي ۽ پنجگور ۾ ايف سي ڪيمپن تي حملن کان پوء ٻيهر ظاهر ٿي آهي. پر هي انتهاپسند گروپ نئون ناهي، ۽ گذريل ڪجهه سالن کان ان جون ڪارروايون تيز ٿي ويون آهن، جن ۾ اڪثر چيني اهلڪارن ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي. مجيد برگيڊ ۽ ان جي شهيدن جا نالا سڀ کان پهريان ان حملي کانپوءِ سامهون آيا جڏهن ڪوئيٽا ۾ ارباب ڪرم خان روڊ تي سياري جي شام هڪ گهر جي ٻاهران هڪ ڪار اچي بيٺي جنهن کان پوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو. گهر اڳوڻي وفاقي وزير نصير مينگل جي پٽ شفيق مينگل جو هو ۽ واقعو 30 ڊسمبر 2011 تي پيش آيو هو. شفيق مينگل حملي ۾ بچي ويو، جنهن ۾ سندس محافظ سميت 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 23 زخمي ٿيا. پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو هوته اهو مجيد برگيڊ جي نوجوان درويش شهيد ڪيو هو. ان کانپوءِ برگيڊ طرفان ڪو به واضح حملو نظر نه آيو. لڳ ڀڳ 7 سالن کانپوءِ آگسٽ 2018ع تي بلوچستان جي ضلعي چاغي جي گادي واري هنڌ دالبندين ۾ چيني انجنيئرن سان ڀريل ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ سون ۽ ٽامي جا ذخيرا موجود هئا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن چيني انجنيئرن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. بي ايل اي جي مجيد برگيڊ حملي جي ذميواري قبول ڪئي ۽ چيو ته حملي آور نوجوان ريحان هو، جيڪو مجيد برگيڊ جي سربراهه اسلم استاد عرف اسلم اڇو جو پٽ هو. ساڳئي سال 2018 ۾ نومبر ۾ ڪراچي ۾ چيني سفارتخاني تي حملو ٿيو هو، جنهن ۾ پوليس مقابلي ۾ 4 حملي آور مارجي ويا هئا، حملي جي ذميواري به مجيد برگيڊ قبول ڪئي هئي. 2019 ۾، گروپ گوادر ۾ پي سي هوٽل تي حملو ڪيو، چين-پاڪستان اقتصادي راهداري جو مرڪز، پنج ڄڻا مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿيا. مجيد برگيڊ آپريشن کي شهيدن جو مشن قرار ڏنو. ٻئي سال جون 2020 ۾ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ٿيو، جنهن ۾ 4 حملي آور مارجي ويا، حملي جي ذميواري مجيد برگيڊ قبول ڪئي هئي. مجيد برگيڊ هن سال فيبروري ۾ نوشڪي ۽ پنجگور ۾ ٿيل حملن کي شهيد جا حملا قرار ڏنو هو. 2018 کان وٺي اهڙا اٺ حملا ٿي چڪا آهن. پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ تصديق ڪئي ته نوشڪي ۽ پنجگور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي شدت پسندن جي حملن ۾ ست سپاهي مارجي ويا ۽ چار زخمي ٿيا هئا.
مجيد برگيڊ جو بنياد ڪيئن پيو؟
پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن بلوچستان ۾ نيسنل عوامي پارٽي يعي نيپ جي حڪومت ختم ڪئي ۽ 1975 ۾ هن ڪوئٽا جو دورو ڪيو ته جلسي ۾ دستي بم حملي ۾ مجيد لانگو نالي نوجوان، جيڪو بي ايس او جو اڳوان هو مارجي ويو. جنهن بعد اهي خبرون هليون ته مجيد لانگو، ڀٽو تي حملو ڪرڻ وارو هو. جنهن بعد مجيد لانگو جو ننڍو ڀاءُ پيدا ٿيو ته سندس نالو والد صاحب مجيد رکيو جيڪو پڻ بلوچ قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو۽ بلوچ لبريشن آرمي ۾ شامل ٿيو۽ 2011 ۾ ڪوئٽا لڳ سيڪورٽي فورسز سان مقابلي ۾ هو مارجي ويو. جنهن بعد ان تحريڪ سان لاڳاپيل استاد اسلم عرف اڇو ۽ بشير زيب گڏجي فدائي حملن لاءِ ٻن مارجي ويل مجيد نالي ڀائرن جي نسبت سان ان جو نالو مجيد برگيڊ رکيو ويو. بي بي سي جي رپورٽ موجب مجيد برگيڊ جي ذميوارن جو چوڻ آهي ته هن تنظيم م سيڪولر سوچ وارا رضا ڪار ڀرتي ٿيندا آهن، اسين ڪنهن کي شامل نه ڪندا آهيون. سندن چوڻ آهي ته گوريلا جنگجوئن ۽ فدائين ۾ وڏو فرق اهو آهي ته گوريلي کي حملو ڪري جان بچائي نڪرڻ جي تربيت ملندي آهي ۽ فدائي حملو ڪندڙن کي جان جي قرباني ڏئي دشمن کي نقصان پهچائڻو هوندو آهي.
سيڪولر فدائي حملن جي تاريخ
دنيا ۾ فدائي حملن جي تاريخ پراڻي آهي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽديز جي ڊائريڪٽر ۽ تجزيه ڪار عامر رانا جو چوڻ آهي ته يونان هجي يا جاپان، سريلنڪا هجي يا فلسطين، فدائي حملن جي ترايخ ڪافي پراڻي آهي. سندس چون آهي ته مذهبي جماعتن ۾ برين واش ڪري جنت ۽ هورن جي چڪر ۾ ڪچن ذهنن کي تيار ڪيو ويندو آهي پر قوپرست ۽ سيڪولر تحريڪن ۾ ان جي ابتڙ اهڙا حملا ڪندڙ مڪمل طور تي شعوري طور ميچوئر هوندا آهن. (نوٽ هي مضمون بي بي سي اردو تان ترجمو ڪيو ويو جيڪو رياض سهيل لکيو هو)

پهنجو تبصرو موڪليو