متحده عرب امارات جي اعليٰ سطحي وفد جي ڪراچي آمد

متحده عرب امارات جي اعليٰ سطحي وفد جي ڪراچي آمد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده عرب امارات جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪراچي پهچي ويو.متحده عرب امارات جو اعليٰ سطحي وفد اڄ صبح ڪراچي پهتو، جتي حڪومتي آفيسرن سان ملاقات ۽ سيڙپڪاري جي دلچسپي وارن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برادر ملڪ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچي رهيا آهن ته جيئن مختلف شعبن ۾ سڌي طرح پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا ڳوليا وڃن ۽ پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي.گڏيل عرب امارات جي وفد ۾ اي ڊي پورٽ جا عملدار به شامل آهن. وفد جي قيادت شيخ احمد دلموڪ المڪتوم ڪري رهيو آهي، وفد جي آجيان بحري معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري ڪئي.مختلف شعبن جهڙوڪ UAE ۾ ظرفيت جي تعمير ۽ لاجسٽڪ آپريشن ۾ ملٽي ملين ڊالر جي سيڙپڪاري لاءِ حڪومت سان ڳالهين ۾ آهي.فيصل سبزواري وفد جي آجيان ڪئي ۽ کين پاڪستان ۾ ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ امڪانن کان آگاهه ڪيو.هن چيو ته سندس وزارت ۽ وفاقي حڪومت برادر ملڪن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.هن چيو ته ترقي جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، اي ڊي پورٽس ۽ ڪي پي ٽي جي وچ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون جنهن سان ڪي پي ٽي ۾ عالمي تجربو ايندو ۽ ان جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.يو اي اي جي وفد ڪي پي ٽي جو دورو پڻ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو