ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ مٽياري ۾ طبي ۽ امدادي ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ جي ايس ايم يو المنائي ايسوسي ايشن جي سهڪار سان لکين روپين جو امدادي سامان جنهن ۾ راشن، ڪپڙا، بسترا ۽ دوائون شامل آهن مستحق ماڻهن ۾ ورهايون ويون. ان سلسلي ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته هو ٻوڏ متاثرن ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، يونيورسٽي پاران متاثرن جي مدد لاءِ هر ممڪن مدد جاري رھندي، مٽياري ۾ لڳل طبي ۽ امدادي ڪيمپ جي اڳواڻي وائيس چانسلر جي گھر واري مسز انيسا امجد ۽ لاڳاپيل ڪاليجن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راحت ناز طرفان ڪئي وئي ان موقعي تي ڊاڪٽر راحت ناز ۽ جي ايس ايم يو جي اڳوڻي شاگردياڻي ڊاڪٽر سميرا حامد عورتن ۽ ٻارن جو علاج ۽ معائنو ڪيو ۽ کين يونيورسٽي طرفان مفت دوائون پڻ ڏنيون، مسز انيسا امجد ڪئمپ ۾ موجود ماڻهن ۾ روڪ پئسا، راشن، ڪپڙا ۽ بسترا ورهايا، جڏهن ته ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ سان گڏ تحفا پڻ ڏنا. ڪيمپ جي لاءِ آمريڪا مان جي ايس ايم يو جي اڳوڻي شاگرد ڊاڪٽر جاويد سليمان خاص ڪري امدادي سامان موڪليو هو، مٽياري جي اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم فخر زمان پڻ ڪئمپ جو دورو ڪري متاثرن ۾ امداد ورهائي جڏهن ته نامزد يو سي چيئرمين وفا سرفراز الله جوريو خاصخيلي ڪئمپ جي انتظامن جي ذميواري سنڀالي. جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي آفيس اسسٽنٽ محمد مرتضيٰ الحق، جونيئر ڪلارڪ سيد واجد علي وارثي، عادل، اسماعيل، شعيب ۽ گارڊ شاهنواز ڪئمپ ۾ مددگار عملي طور خدمتون سرانجام ڏنيون.










