ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو ته تازين مون سون برساتن ۽ ٻوڏ جنهن پوري ملڪ ۾ تباهي مچائي آهي اتي سنڌ جي صورتحال به انهتائي خراب آهي. ماڻهو پنهنجن گهرن ۽ قيمتي سامان کان محروم ٿي ويا آهن ، اسان کي گڏيل ڪوششن سان نه رڳو انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي پر مشڪل جي هن گهڙي ۾ انهن جو به خيال رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ سرندي وارن سان ملاقات جي دوران ڪيو. ان موقعي تي عورتن جي ترقي کاتي واري سيڪريٽري انجم اقبال جماڻي، مختلف اين جي اوز جا نمائندا نزهت شيرين، مهناز، رينوڪا سوامي، مريم الاهي، ڪپل ديو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيده شهلا رضا چيو ته هن وقت ٻوڏ متاثرن ۾ عورتن، ٻارن ۽ ڇوڪرين جو وڏو تعداد انتهائي عدم تحفظ جي حالت ۾ امداد جي انتظار ۾ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهي آهي، پر اها تباهي تمام وڏي آهي، جنهن لاءِ هر اداري ۽ مددگار کي پنهنجي وس جي مطابق ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن خاص ڪري عورتن، ڇوڪرين ۽ ننڍڙن ٻارن جي سندن ضرورتن مطابق مدد ڪريون، جنهن لاءِ اسان کي مٺو کير، خشڪ ميوو، خشڪ کاڌو، بسڪيٽ، پاڻي، ڊائپر، سينٽري پيڊ، ڪپڙا، بسترا وغيره گهرجن. ڪمبل وغيره شامل آهن. هن اين جي اوز جي سربراهن ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته هو عورتن جي ترقي کاتي سان گڏجي هن نيڪ جي ڪم ۾ پنهنجو وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪن ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن صوبائي وزير کي پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ صوبائي وزير سيده شهلا رضا پڻ گذريل ڏينهن اوڀر ضلعي جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن ۾ امداد ورهائي هئي.










