مبينا پوليس مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا

مبينا پوليس مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ويجهو مبينا پوليس مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا ، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين ڪيترن ئي ڪيسن ۾گهربل هئا. ايس ايس پي سکر جو چوڻ آهي ته آباد ٿاڻي جي حد ۾پوليس سان مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا، پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ علي خان ۽ حميد عرف شير اوڍو جي نالن سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري ڌاڙا، ڦر، چوري ۽ پوليس مقابلن سميت مختلف ڪيسن ۾گهربل هئا. ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري 10 جنوري تي سپر اسٽور مان ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا هئا. پوليس موجب ڌاڙي دوران مزاحمت ڪرڻ تي اسٽور ملڪ عمران چنو ۽ مئنيجر علي نواز جتوئي مارجي ويا هئا..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو