ٺڪراٺو(حضرت گل پٺاڻ) مبارڪپور مائينر کي ٻن هنڌن تان گهارا لڳي ويا سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا پاڻي ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو، مبارڪپور مائينر کي آرڊي 19 ۽ آرڊي 45 وٽان اسر ويل گهارا لڳا اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا. ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا ٻڌڻ ۾ مصروف پر هن محل تائين لڳل گهارا بند نه ٿيا. ڳوٺاڻن موجب تيز برسات باوجود آبپاشي عملدارن مائينر ۾ پاڻي وڌيڪ ڇڏيو جنهن سبب گهارا پيا ۽ ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي.










