ماڻهو تفريح لاءِ سمنڊ تي وڃڻ کان پاسو ڪن: اين ڊي ايم اي

ماڻهو تفريح لاءِ سمنڊ تي وڃڻ کان پاسو ڪن: اين ڊي ايم اي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سڀني ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سامونڊي طوفان بپرجوئي کي نظر ۾ رکندي الرٽ رهن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو سامونڊي ڪناري تي وڃڻ کان پاسو ڪن.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي اعلان موجب سامونڊي طوفان بپرجوئي 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان پاڪستان جي ساحلي پٽي ڏانهن وڌي رهيو آهي.اين ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته بائيپرجوئي ڪراچي جي ڏکڻ ۾ موجود آهي، جيڪو ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو.ترجمان جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان 13 جون تائين سنڌ جي ڏاکڻي ۽ ڏکڻ اوڀر وارن علائقن کي متاثر ڪرڻ جو امڪان آهي.هن چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي ڪري ساحلي علائقن ۾ تيز هوائون ۽ طوفاني برسات پئجي سگهي ٿي.اين ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته موسميات کاتو صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اختيارين ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ آهي، سمورن ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪنهن به قسم جي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.ترجمان اهو به چيو آهي ته ماهيگير به کليل سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن، ڪنهن ايمرجنسي جي صورت ۾ مقامي انتظاميا جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو