واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان مذاڪرات اڄ منجهند کان شروع ٿيندا، ايران سان رابطا مذاڪراتي فريم ورڪ تحت ٿي رهيا آهن. صدر ڊونالڊ ٽرمپ صحافين سان گفتگو ڪندي چيو ته ايران تي وڏي حملي جو منصوبو سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ايران جي درخواست تي منسوخ ڪيو ويو. ٽرمپ چيو ته خطي جي ملڪن جي اپيل تي حملو روڪڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪڏهن ايران تي حملو ٿئي ها ته اهو ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سڀ کان وڏو حملو هجي ها، مان ماڻهن کي مارڻ نٿو چاهيان، منهنجي ترجيح معاهدو ڪرڻ آهي. وچ اوڀر جا ڪيترائي اتحادي پڻ فوجي ڪارروائي جي بجاءِ سفارتي حل جا حامي آهن. آمريڪي صدر چيو ته هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) تي معاهدو موجود آهي ۽ ائٽمي هٿيارن جي خاتمي تي پڻ معاهدو ٿيندو. معاهدو ئي بهترين رستو آهي، جيڪڏهن مذاڪرات ناڪام ٿيا ته تڪرار وڌيڪ وڌي سگهي ٿو.
ايران تي وڏي حملي جو منصوبو سعودي عرب، يو اي اي، قطر ۽ ايران جي درخواست تي ملتوي ڪيو. صدر
ڊونلڊ ٽرمپ صحافين سان گفتگو ڪندي چيو ته خطي جي ملڪن جي اپيل تي حملو روڪڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪڏهن ايران تي حملو ٿئي ها ته اهو ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سڀ کان وڏو حملو هجي ها. آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته مان ماڻهن کي مارڻ نٿو چاهيان، منهنجي ترجيح معاهدو ڪرڻ آهي. وچ اوڀر جا ڪيترائي اتحادي پڻ فوجي ڪارروائي جي بجاءِ سفارتي حل جا حامي آهن. هن چيو ته ايران سان مذاڪرات اڄ منجهند کان شروع ٿيندا، ايران سان رابطا مذاڪراتي فريم ورڪ تحت ٿي رهيا آهن. آمريڪي صدر چيو ته هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) تي معاهدو موجود آهي ۽ ائٽمي هٿيارن جي خاتمي تي پڻ معاهدو ٿيندو. معاهدو ئي بهترين رستو آهي، جيڪڏهن مذاڪرات ناڪام ٿيا ته تڪرار وڌيڪ وڌي سگهي ٿو.
ايران ۾ اسرائيل لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ 2 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي
ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي جو چوڻ آهي ته ايران ۾ اسرائيل لاءِ جاسوسي جو الزام ثابت ٿيڻ تي 2 ڏوهارين کي سزائي موت ڏني وئي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ٻنهي ڏوهارين جنگ دوران اسرائيل کي حساس فوجي ۽ سيڪيورٽي ماڳن بابت معلومات فراهم ڪئي هئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي ٿي وئي
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ايران تي تجويز ڪيل حملا روڪڻ جي اعلان کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي ٿي وئي آهي. خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 4 ڊالر في بيرل کان وڌيڪ ڪري پئي آهي. برينٽ خام تيل جي قيمت 4.08 ڊالر گھٽجڻ کانپوءِ 83.85 ڊالر في بيرل تي اچي وئي جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ خام تيل 4.01 ڊالر سستو ٿيڻ بعد 80.66 ڊالر في بيرل تي واپار ٿيو. واضح رهي ته گذريل مهيني آمريڪا پاران ايران تي ٻيهر حملا شروع ڪرڻ ۽ تهران جي فورسز پاران عمان جي ويجهو ڪيترن ئي آئل ٽينڪرن تي حملن کانپوءِ ٻنهي بينچ مارڪ خام تيل جي قيمتن ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڏسڻ ۾ آئي هئي.
سعودي پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان رابطو، خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي لاءِ سفارتي ڪوششن تي زور
سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي لاءِ سفارتي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت موجب سعودي پرڏيهي وزير امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي عزم جو اعادو ڪيو. ان کان علاوه سعودي پرڏيهي وزير قطر ۽ اردن جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ڌار ڌار رابطا ڪيا. سعودي پرڏيهي وزارت موجب رابطن ۾ گڏيل ڪوششن ۽ متفقه موقف اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو، ۽ ٽنهي ملڪن بحيره احمر ۾ آزاداڻي جهاز راني جي بحالي تي اتفاق ڪيو.
جنهن ياداشت تي صحيحون ٿيون آهن اها شوريٰ ڪائونسل جي گڏيل سياڻپ جو نتيجو آهي: ايراني صدر
ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته جنهن ياداشت تي صحيحون ٿيون آهن اها شوريٰ ڪائونسل جي گڏيل سياڻپ جو نتيجو آهي، هي ياداشت مستقبل ۾ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد بڻجندي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان ائڪس (Twitter) تي بيان جاري ڪندي چيو ته ياداشت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ دشمن کي ان جي واعدن جو پابند بڻائڻو پوندو، هن ياداشت سان ايران، خطي ۽ اتحادين جي سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
برطانيا، بلغاريه ۽ يوڪرين جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي: ايران:
ايراني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته برطانيا، بلغاريه ۽ يوڪرين جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته آمريڪا ايم او يو (MoU) تحت بحري آمدورفت جي بحالي جي اجازت ناهي ڏني. اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪا مدت ختم ٿيڻ کان اڳ حملو ڪيو، هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) جي بندش آمريڪي واعدن جي ڀڃڪڙي سان جڙيل آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران عمان سان نئين بحري رستي تي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هرمز جي پٽي کولڻ عمان سان مذاڪرات کان ڌار معاملو آهي.










