ماڙي گيس هفتيوار طبي ڪئيمپ بحال ڪري، ڳوٺاڻا

دادلغاري (نديم مھر) ماڙي گئس ڪمپني طرفان غريبن  لاء لڳندڙ ڊسپينسري ڪئمپ ٽن مهينن کان بند هئڻ تي علائقي واسين ۽ ڳوٺاڻن ماڙي گئس ڪمپني خلاف مظاهروڪيو. مظاهرو ڪندڙن جي اڳواڻن رحمت الله، شاهنواز، نزاڪت پتافي ۽ ٻين ٻڌايو ته کوھ نمبر 49 وٽ ماڙي گئس ڪمپني طرفان علائقي واسين ۽ مسڪين ماڻهن لاء لڳندڙ ڊسپينسري ڪئمپ ٽن مهينن کان بند ڪري ڇڏي آھي جنهن سبب علائقي واسي علاج لاء سخت پريشان آھن. هنن چيو ته ڊسپينسري ماڙي گئس ڪمپني بااثر جي چوڻ تي بند ڪري ڇڏي آھي، اسين ڪمپني جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڊسپينسري ڪئمپ بحال ڪري علائقي واسين جي خدمت ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ ماڙي گئس ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان احتجاج  ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو