ماڙي پور ۾ شهرين جو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج،روڊ ميدانِ جنگ

ماڙي پور ۾ شهرين جو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج،روڊ ميدانِ جنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ماڙي پور روڊ تي پوليس ريلي تي چڙهائي ڪري سوين مظاهرين کي ٽرڪ ذريعي هٽائي ڇڏيو. عورتن ۽ ٻارن سميت علائقي جي رهواسين جو گذريل ڏينهن کان موريپور روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، 20 ڪلاڪن کان ماريپور روڊ ٽريفڪ لاءِ بند آهي. انتظاميا سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ تي مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ بجلي بحال ٿيڻ تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.مظاهرين تي پٿراءُ ۽ شيلنگ کانپوءِ پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ فائرنگ به ڪئي. مظاهرين جي پٿراءُ ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. اي ايس پي عاطف امين جو چوڻ هو ته ماڙي پور روڊ شهر کي حب چوڪيءَ سان ڳنڍيندڙ مکيه روڊ آهي، صبح 4 وڳي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين جي به ڪوشش ڪئي، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو.اي ايس پي جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کان ڦر به ڪئي، ڦر دوران ٽرڪن جون چاٻيون به ڪڍيون ويون، امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ تي مظاهرين کي پوئتي ڌڪي بجلي بحال ڪئي وئي، مظاهرين مظاهري کي ختم ڪريو ، نيٽي جيٽي پل، ايم ٽي خان روڊ، آءِ سي آءِ پل تي ٽريفڪ جام ٿي وئي.آءِ سي آءِ پل کان لياري ايڪسپريس وي، ماڙيپور ۽ سائيٽ ايريا ڏانهن ٽريفڪ معطل ٿي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، احتجاج دوران شاگرد پڻ متاثر ٿيا، روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ڪيترائي شاگرد امتحانن لاءِ نه وڃي سگهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو