ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ماڙي جلباڻي واقعي بابت نگران صوبائي سرڪار ۽ رينجرز کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي سانحي جي جڊيشل انڪوائري بابت درخواست تي ٻڌڻي، درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي، بئريسٽرصلاح الدين، حيدر امام رضوي ۽ ٻيا پيش، ڊي آءِ جي حيدرآباد جواب جمع ڪرائيندي چيو ته واقعي جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ھڪ ڳوٺاڻن جو ۽ ھڪ پوليس طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو،رينجرز ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيلن طرفان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مھلت طلب ڪئي وئي آهي،عدالت ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي










