ماني کائڻ جو مقابلو، پنجاب کي سنڌ جي شڪست

محرابپور (رپورٽر مجاهد علي سامٽيو)ڪوٽڙي ڪبير ۾ نثار علي ملاح جي ھوٽل تي ٻن پھلوانن ۾ ماني کائڻ جو مقابلو ٿيو, پنجاھ ھزار روپيا جي شرط رکي وئي, ڳوٺ فقير محمد موجائي جو رھواسي قربان علي موجائي ۽ صادق آباد جو رھواسي ريمبو ۾ سوين تماشائين جي روبرو ماني کائڻ جو مقابلو ٿيو, مقابلي ۾ پنجويھ پنجويھ مانيون ڀاڄي سان ھر ھڪ کي کائڻيون ھيون, جنھن ۾ ريمبو پھلوان اٺ مانيون کائي بس ڪئي, جڏھن ته قربان موجائي پھلوان سترنھن مانيون کائي پنجاھ ھزار رپين جي شرط کٽي ورتي, ان موقعي تي ريمبو پھلوان ميڊيا کي ٻڌايو ته مان سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪٻڊي راند جو انعام يافتا رانديگر آھيان, ڪاٿي به نه ھارايو آھي, پر اڄوڪي مقابلي ۾ مان تسليم ڪيان ٿو ته قربان موجائي اسان کان پھلواني ۾ تمام گھڻو آھي, منھنجو کيس کي سلام آھي, قربان موجائي ٻڌايو ته ريمبو پنجاب مان مونسان مقابلو ڪرڻ لاء ھتي پھتو آھي, ھي مذاق سمجھي پيو ته مونسان مقابلو ڪري نه سگھندو,ھن وڌيڪ چيو ته مان کائڻ پيئڻ ۽ وزن کڻڻ جو ٻين پھلوانن سان مقابلو ڪري سگھان ٿو اھڙا مان ڪيترائي مقابلا ميلن ملاکڙن ۽ پري پري وڃي ڪري کٽي چڪو آھيان,ھن چئليج ڪيو ته جيڪو به مقابلو ڪرڻ چاھي اھو ڪوٽڙي ڪبير ۾ ھليو اچي,ھر مقابلو ڪرڻ لاء مان ھر وقت الرٽ آھيان, ھوڏانھن گادي نشين درگاه سخي الھيار ميان عدنان فيض پيرزادو پڻ قربان موجائي جي پھلواني مان متاثر ٿي کيس پنج ھزار رپيا روڪ انعام ڏنو, ۽ کيس کي چيائين ت مان توکي شيدين سان مقابلو ڪرائڻ لاء حيدرآباد وٺي ھلندس, جنھن تي قربان موجائي مقابلو ڪرڻ جي حامي ڀري ورتي,

پهنجو تبصرو موڪليو