مانيٽري پاليسي جاري ،شرح 15 سيڪڙو تائين برقرار

مانيٽري پاليسي جاري ،شرح 15 سيڪڙو تائين برقرار

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو .اسٽيٽ بئنڪ پڌرائي موجب وياج جي شرح ۾ گهٽتائي يا واڌ ناهي ڪئي وئي ۽ وياج جي شرح 15 سيڪڙو تائين برقرار آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آگسٽ واري اجلاس کانپوءِ معاشي سرگرمين ۾ ٻاڙائي ايندي رهي آهي، مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽيو آهي. پڌرائي موجب ٻوڏ سبب معاشي منظرنامو تبديل ٿيو آهي، ٻوڏ جي تباهي جي اثرن جو جائزو وٺڻ وارو عمل جاري آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب خوراڪ جي فراهمي وارن مسئلن سبب مهانگائي جي شرح بلند رهي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو