مانجهند ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

مانجهند ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

مانجهند (رپورٽر مهراڻ عمراڻي )مانجهند ۾ ٽائون ملازمن جو پگهارن لاء اٺين ڏينهن به اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ائڊمنسٽريٽرطرفان هڪ فوتي ملازم سميت 7 ڄڻن تي شوڪاز جاري ،تفصيل موجب .مانجهند ۾ ٽائون ڪميٽي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف اٺين ڏينهن به آفيس کي تالا هڻي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو ويو مسلسل احتجاجن تي ائڊمنسٽريٽر مڇرجي هڪ فوتي ملازم سميت 7 ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا اهڙي عمل خلاف ملازمن درياء خان برهماڻي نظر خاصخيلي شيراز ميمڻ گل محمد ورياڻي محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين سخت ردعمل ڏيندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ائڊمنسٽريٽر ملازمن خلاف احتجاج تي مڇرجي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن 3 مهينا اڳ فوت ٿيل ملازم تي شوڪاز ڪڍڻ تي سندس نااهلي جي حد ٿي وئي آھي پگهارون بند هئڻ سبب عيد خريداري نه ڪري سگهيا آھيون هوڏانهن ملازمن سان يڪجهتي طور سماجي شخصيت محمد قبول ڳنڀير الهڏنو انڙ خالق ڏنو تنگهياڻي ڪيمپ تي پهچي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو ٻي طرف شھر ۾ گندگي جو آزار پڻ وڌي ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو