مال جي ڦر تان چاچڙن ۽ جاگيراڻين ۾ جهيڙو هڪ فوت

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ڪچي جي علائقي دراني مھر ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ انور جاگيراڻي ۾ چوپائي مال جي ڦر تان جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 35 ورھين جو ڏاگھو چاچڙ مارجي ويو. مليل ڄاڻ مطابق  چاچڙ برداري جي ھٿياربندن ڳوٺ جي چڱي مڙس انور جاگيراڻي جي زمين تي ڪاھ ڪري سندس پٽ گدرو جاگيراڻي کان مينھون ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا ته جاگيراڻين سندن پيڇو ڪيو جنھن دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب ڏاگھو چاچڙ قتل ٿي ويو ۽ جاگيراڻي برادري جي ماڻھن پنھنجو ڦر ٿيل چوپايو مال ڇڏائي ورتو. واقعي جي اطلاع بعد وارثن واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش کڻائي گھر آيا. ٻنھي ڌرين جي جھيڙي دوران پوليس ڪونه پھتي. واقعي بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن. واضع رھي ته ٻنھي ڌرين ۾ ڪجھه سالن کان خوني تڪرار  ھلندڙ آھي ۽ وقت بقوت هڪٻئي جو مال ڦريندا رهندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو