ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي ڊراما جي مشهور اداڪار منوج بوهرا عرف ڪرن وير بوهرا تي 40 ورهين جي عورت کي دوکي ڏيڻ ۽ مارڻ جي ڌمڪي ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عورت دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرن وير 2.5 سيڪڙو منافعي جو واعدو ڪري ان کان رقم کسي ورتي ۽ هاڻي واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، هن اداڪار خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائي آهي. عورت جو چوڻ آهي ته اداڪار ڪرن وير رڳو 10 ملين رپيا واپس ڪيا جڏهن ته وٽس اڃا 19 ڪروڙ 90 لک رپيا آهن جيڪي واپس ڪرڻ کان هو مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن مان پئسا گهرندو آهيان ته هو ۽ سندس زال مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ اداڪار ۽ سندس گهرواري کي بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ پوليس اسٽيشن به طلب ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪرن وير بوهرا مشهور ڀارتي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي جن ۾ شرارت، زندگي جو امتحان پهرين نمبر تي آهي.










