اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وفاقي وزارتِ خزانه پاران جاري ڪيل تحريري پڌرنامي موجب پاڪستان جو مالي خسارو گذريل 22 سالن جي گھٽ ترين سطح تي اچي ويو آهي.وزارتِ خزانه جي اعلامئي موجب ملڪ جو پرائمري سرپلس 26 سالن جي سڀ کان بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. مالي سال 26-2025ع دوران مالي خسارو جي ڊي پيءُ جو صرف 2.6 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته پرائمري سرپلس جي ڊي پيءُ جو 2.9 سيڪڙو رڪارڊ ٿيو. ملڪ ۾ مسلسل ٽئين سال پرائمري سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو آهي.اعلامئي موجب مالي سال 26-2025ع ۾ ڪل محصولات 19 هزار 800 ارب روپيا رهيون، جن مان 14 هزار 800 ارب روپيا ٽئڪس آمدنيءَ مان حاصل ٿيا. سود جي مٽ ۾ ادائيگيون گھٽجي 6 هزار 950 ارب روپين تي اچي ويون آهن. گذريل سال دفاعي اخراجات 18 سيڪڙو اضافي سان 2588 ارب روپيا رهيا، جڏهن ته سبيسيڊيز ۾ 22 سيڪڙو گھٽتائي ٿي.










