سجاول رپورٽ (سليم ملاح) پرائمري اسڪول الھورايو سرائي جيڪو ماضيءَ۾ مثالي اسڪول ھو تنھن کي وڏي عرصي کان تالو لڳل آھي. فقط هڪ استاد اسڪول جي ڀرسان ڪچھري ڪري ڊيوٽي جو ٽائيم پاس ڪري هليو وڃي ٿو. اسڪول جي دروازي وٽ گڏھ ٻڌل نظر اچن ٿا جڏهن ته اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ لڳا آهن ڪمري ۾ پيل فرنيچر کي به اڏوھي کائي وئي آهي. پرائمري اسڪول الھورايو سرائي بابت صحافين سان ڳالهائيندي مقامي رھواسين محمد گرماڻي.عمران سرائي . نصرالله سرائي ۽ ٻين ڳوٺاڻن چيو ته هي اسڪول قديمي آهي اعلي عملدارن جي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب ھن اسڪول کي اڄ تالو لڳل آھي ھن کان اڳ ھي مثالي اسڪول هو . تڏھن ماڻھن جي به ٿوري آبادي ھئي تڏھن به سوين ٻار ھن اسڪول ۾ زير تعليم ھئا. ھاڻي ھتي ھزارين گھر آھن اسڪول جي مرمت ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ ڪافي گھوڙا گھوڙا ڪئي پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو آهي. جنھن ڪري ھتان جي ٻارن جي تعليم متاثر ٿي وئي آهي اسان ايجوڪيشن انتظاميا چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪريون ٿا ته هن اسڪول جي مرمت ڪرائي مناسب انتظام ڪري بحال ڪيو وڃي.










