اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ مارگلا هيلز ۾ ٻيلن جي زمين تي قبضي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد جي مارگلا ٽڪرين تي وڻ نظر اچن ٿا، مارگلا ٽڪرين جي ٻئي پاسي کان مائننگ ٿي رهي آهي.حڪومتي وڪيل راجا شفقت عدالت کي ٻڌايو ته مارگلا هيلز جو علائقو خيبرپختونخواهه ۾ اچي ٿو. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ٻيلن جي زمينن تي ٺاهه جون تجويزون اچي رهيون آهن، حڪومتون وڻ لڳائڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺي رهيون آهن، صوبائي حڪومتون ٻڌايون ته هن وقت تائين ڪيترا وڻ لڳايا ويا آهن، ڇا ٻيلي کاتي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت زمين ليز تي ڏني. پر ڏنو پيو وڃي.صوبائي حڪومتن جي وڪيلن جواب ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلي جي روشني ۾ سموريون ليزون منسوخ ڪيون ويون آهن.عدالت چئني صوبن کان ٻيلن جي زمينن تي قبضي جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته جنگلن جي زمينن تي قبضي کانپوءِ ڪيترا وڻ لڳايا ويا.سپريم ڪورٽ مارگلا ٽڪرين تي مائننگ بابت به تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.عدالت ٻيلي جي زمينن تي قبضي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










