مارچ ۾ ڪل قرض 57 هزار 122 ارب 50 ڪروڙ رپيا ٿي ويو

مارچ ۾ ڪل قرض 57 هزار 122 ارب 50 ڪروڙ رپيا ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي قرض جو تفصيل جاري ڪري ڇڏيو آهي هلندڙ سال مارچ ۾ ڪل قرض 57 هزار 122 ارب 50 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو فيبروري ۾ پاڪستان جو ڪل قرض 54 هزار 400 ارب رپيا هو مارچ ۾ پاڪستان جي قرض ۾ فيبروري جي ڀيٽ ۾ 2 هزار 685 ارب رپين جو اضافو ٿيو جيڪو 4.9 سيڪڙو ٿئي ٿو ڊسمبر 2022 ۾ پاڪستان جو ڪل قرض 51 هزار 58 ارب 20 ڪروڙ رپيا هئا جون 2022 ۾ پاڪستان جو ڪل قرض 47 هزار 832 ارب 40 ڪروڙ رپيا ٿي ويو آهي گزريل سال مارچ ۾ پاڪستان جو ڪل قرض 43 هزار 12 ارب 70 ڪروڙ رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 32.8 سيڪڙو اضافي سان 57 هزار 122 ارب رپيا ٿي ويو آهي اسٽيٽ بئنڪ مطابق مارچ 2022 کان مارچ 2023 جي عرصي ۾ پاڪستان جي قرض ۾ 14 هزار 109 ارب 80 ڪروڙ رپين جو اضافو ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو