ماروي ايڪسپريس جي سروس کوکروپار تائين بحال ڪريو

ڇور(سروپ سنگهه) کوکراپار کان حيدرآباد وچ ۾ ھلندڙ واحد ٽرين ماروي ايڪسپريس جي ريلوي انتظاميا طرفان صرف ڇور اسٽيشن تائين سروس جاري رکڻ خلاف کوکراپار ۽ ٻين ريلوي اسٽيشن جي ماڻھن ڇور ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاهرين قمرالدين سمي ڪنڀاري ذوالفتار ۽ ٻين چيو تي ريلوي انتظاميا طرفان ماروي ايڪسپريس جي سروس کوکراپار، نيوڇور، جالو جو چونئرو، ڀٽارو۽ پرچي جي ويري جي بنا جواز ٽن ڏينھن کان سروس معطل ڪئي وئي آھي جنھن ڪري متاثر ٿيل ريلوي اسٽيشن ايندڙ مسافر سخت پريشان آھن ھنن چيو تي اسان ڏانھن ھلندڙ واحد ماروي ٽرين جي سروس بند ڪرڻ وڏي ناانصافي آھي اسان ريلوي جي وفاقي وزير ۽ ٻين اعلي اختيارين کان اپيل ڪريون ٿا تي ٽن ڏينھن کان بند پيل ماروي ٽرين سروس بحال ڪئي وڃي نه تي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو