ماحول کي بهتر ڪنداسين ته ايندڙ وقت بهتر هوندو:مرتضي وهاب

ماحول کي بهتر ڪنداسين ته ايندڙ وقت بهتر هوندو:مرتضي وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ حڪومت جي قانوني صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان پنهنجي ماحول کي بهتر ڪنداسين ته ايندڙ وقت بهتر هوندو، ايندڙ نسلن کي صاف سٿرو ۽ سرسبز ڪراچي گهرجي، سياست کان مٿانهون ٿي عوان جي خدمت ڪرڻ جي ضرورت آهي.هر سياسي پارٽي کي حق اهي ته ٻين پارٽين سان اتحاد ڪري، پيپلز پارٽي 24 جولاءِ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪنهن ٻئي سياسي پارٽي سان اتحاد ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مير ڪرم علي ٽالپر روڊ جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ڪيو. ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر شرميلا فاروقي، سعديه جاويد، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ نجمي عالم، پ پ اڳواڻ شڪيل چوڌري، خليل هوت، معظم قريشي، تيمور مهر ۽ بوهرا برادري پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ڪجهه ماڻهن کي پسند ناهي ته شهر ۾ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪراچي ترقي طرف وڌي رهيو آهي. جڏهن مير ڪرم علي ٽالپر روڊ پٿرن سان ڀريل هو ته ڪنهن به اعتراض نه ڪيو، جيئن ئي اسان تعميراتي ڪم شروع ڪيو ته پي ٽي آءِ شهرين کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن روڊ کي پيپلز پارٽي قبضو ڪري رهي آهي، اڄ اوپن اسپيس کي عوام لاءِ کوليو ويو آهي جتي ماڻهو اچي آزاد فضا ۾ ڪجهه وقت گذاري سگهندا، هن چيو ته اڄ ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هتي ٻوٽا پڻ لڳايا پيا وڃن، هن چيو ته مان سيدنا صاحب ۽ بوهرا برادري جي دوستن جو شڪر گذار آهيان جن ان ڪم م اسان جي مدد ڪئي آھي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته سيدنا صاحب هميشه وڻ پوکڻ جي تاقيد ڪري ٿو ۽ وڻن سان خاص دلچسپي رکي ٿو، هڪ شهري ۽ انسان هئڻ جي ناطي، اسان سڀني کي گڏجي ڪري عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ايمپريس مارڪيٽ مان ماضي ۾ بلدياتي ادارن غير قانوني اڏاوتون ختم ڪرايون ويون هيون هاڻي، ايمپريس مارڪيٽ جي چوڌاري رات جي روشنيءَ لاءِ فلڊ لائيٽون لڳايون ويون آهن ۽ ان سان گڏ صدر جي علائقي ۾ جهانگير پارڪ جي نئين سر تعمير ڪئي وئي آهي، ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن جا بقايا ادا ڪرڻ جي منظوري ڪابينا ڏني آهي، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي به منظوري ڏني آهي، جنهن جي منظوري سنڌ جو وڏو وزير ڏيندو. ان حوالي سان مان پنهنجي واعدي تي قائم آهيان، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته لوڊشيڊنگ بنيادي مسئلو آهي اسان کي شمسي توانائي ئ هوا ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ وارن منصوبن تي سوچڻ گهرجي، شهري لوڊشيڊنگ کان پريشان آهن، اميد آهي ته وفاقي حڪومت ان مسئلي کي حل ڪندي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو اهي ته ڪراچي ۾ پارڪس کاتي جي گذريل ڪجهه مهينن جي مثالي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ اربين رپين جا منصوبا جاري آهن. جنهن ۾ پاڻي، سيوريج، روڊ، پارڪ ۽ کليل ميدان شامل آهن، حڪومت جيڪو ڪم ڪري رهي آهي، اهو نيڪ نيتي سان ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضي وهاب ۽ ٻين مهمانن مير ڪرم علي ٽالپر روڊ ۽ ايمپريس مارڪيٽ گارڊن ۾ وڻ پڻ پوکيا

پهنجو تبصرو موڪليو