ماحولياتي آلودگي ۽ ڌنڌ لاهور پهرين ۽ ڪراچي چوٿين نمبر تي اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوبل ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب لاهور ۾ سڀني کان وڌيڪ ڌنڌ آهي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي حوالي سان 233 درجي تي آهي. جڏهن نئين دلي 211 درجي تي هئڻ سبب ماحولياتي آلودگي ۾ ٻئي نمبر تي آهي. ڪراچي 155 درجي تي آهي ۽ ماحولياتي آلودگي جي حوالي سان چوٿين نمبر تي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ڌنڌ ۾ اضافو ٿيندو ۽ لاهور ان جي لپيٽ ۾ رهندو. هنن شهرن جي درجه بندي ٿوري ٿوري دير م تبديل ٿيندي رهي ٿي. لاهور، دلي ۽ ڪراچي غير صحتمند درجي ۾ اچن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو