مائنس ون وارو فارمولو نه هلي سگهيو:شاهه محمود

مائنس ون وارو فارمولو نه هلي سگهيو:شاهه محمود

ملتان(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ مائنس ون وارو فارمولو نه هلي سگهيو، ننڍي چونڊ ملتوي ڪرڻ جو ڪو به جواز نه هو، ننڍي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جي شڪست واضع ٿي چڪي هئي، اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي مايوس ڪيو آهي.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان هميشه فوج جي دهشتگردي خلاف ڪوششن جي ساراهه ڪئي آهي، آرمي چيف جي مقرري آئين تحت ٿيڻ گهرجي، هي اسان کي فوج سان ويڙهائڻ چاهين ٿا، اسان هُنن جون چالاڪيون سمجهي ويا آهيون.شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هن وقت پرڏيهي وزارت جي آفيس ۾ انٽرنشپ ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ هاڻي مائنس ون وارو فارمولو نه هلندو.

پهنجو تبصرو موڪليو