ماءُ پيءُ جو مقام اهم آهي، سس نفيس ۽ مددگار عورت آهي: حبا بخاري

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ٽي وي اداڪارا حبا بخار جو چوڻ آهي ته انسان جي زندگيءَ ۾ والدين جو اهم مقام هوندو آهي ان کي ٻيو ڪير به نٿو وٺي سگهي.هن چيو ته ساڳيءَ ريت مڙس ۽ خاص ڪري ساس ۽ سسر سان لاڳاپا پنهنجي اهميت رکن ٿا.يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته هر رشتي جي اهميت هوندي آهي پر ڪو به رشتو ٻئي جي جاءِ نٿو وٺي سگهي.حبا بخاري چيو ته شادي شده زندگي ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته توهان انهن رشتن ۾ توازن برقرار رکو.هن چيو ته سندس امڙ تمام نفيس ۽ مددگار عورت آهي.حبا چيو ته هن جي پنهنجي والدين هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خاندان جا ميمبر اهم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو