ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي سندھ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) ۾ انساني همدردي جي هڪ اعليٰ مثال سامهون آئي آهي، جتي هڪ ماءُ پنهنجي جوان پٽ جي موت کان پوءِ سندس ٻن گردن جو عطيو ڏئي ٻن زندگين کي نئين زندگي عطا ڪئي.23 ورهين جو ڊينٽل سرجري جو شاگرد سلطان ظفر، ٽريفڪ حادثي ۾ شديد زخمي ٿي پيو ۽ هڪ هفتي تائين آءِ سي يو ۾ رهي دماغي طور فوت قرار ڏنو ويو.هن ڏکئي لمحي ۾، سندس ماءُ ڊاڪٽر مِهر افروز، جيڪا پاڻ SIUT ۾ ماهر نيفرولاجسٽ آهي، وڏي حوصلي سان فيصلو ڪيو ته سلطان جا گردا انهن مريضن کي عطيو ڪيا وڃن، جيڪي سالن کان ڊائلاسز تي هئا ۽ جن جي خاندان ۾ ڪو به عضو عطيو ڪندڙ موجود نه هو.ڊاڪٽر مِهر جو هي قدم صرف طبي برادري نه پر سڄي سماج لاءِ هڪ درس بڻجي ويو آهي. SIUT جي ڊائريڪٽر پروفيسر عاديب رضوي هن عمل کي “انسانيت جي بلند ترين مرتبي” سان ڀيٽيندي چيو:سلطان هاڻي ٻن ماڻهن جي جسم ۾ جيئرو آهي، ۽ سندس ماءُ ثابت ڪيو ته غم جي گهڙيءَ ۾ به عظمت جنم وٺي سگهي ٿي.YDA سنڌ جي چيئرمين محبوب نوناري، YDA ڪراچي جي صدر ڊاڪٽر شهريار، JPMC جي صدر ڊاڪٽر عمار دانش ۽ ٻين ڊاڪٽرن تنظيمون به هن قدم کي ساراهيو ۽ سماج کي اپيل ڪئي ته هو عضوا عطيو ڏيڻ لاءِ اڳتي اچن.ڊاڪٽر مِهر افروز چيو:مون پنهنجو پٽ ته وڃايو، پر جيڪڏهن سندس زندگي ٻه زندگيون بچائڻ جو سبب بڻجي، ته اها ئي منهنجي لاءِ سڀ کان وڏي تسلي آهي.اهو واقعو ٻڌائي ٿو ته انساني همدردي، شعور ۽ حوصلي سان ڀريل فيصلا ڪيئن معاشري ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿا ۽ ڪيئن هڪ ماڻهو جي موت، ٻين لاءِ زندگي بڻجي سگهي ٿي










