لڪي مروت ۾ فورسز جو آپريشن، 11 دهشتگرد مارجي ويا

لڪي مروت ۾ فورسز جو آپريشن، 11 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب جوانن دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ به تباهه ڪري ڇڏيا. آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو پتو لڳائي ورتو.آءِ ايس پي آر چيو ته لڪي مروت ۾ آپريشن آءِ اي ڊي حملي جي جواب ۾ ڪيو ويو، ٻين دهشتگردن کي ڳولڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو