لڪي مروت(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي ڊيڊي والا جي علائقي ۾ مقابلي دوران 6 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.سي ٽي ڊي موجب لڪي مروت جي علائقي دادي والا ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد جوابي فائرنگ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي اختيارين موجب دهشتگرد عباسي پوليس پوسٽ تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن، هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي.










