لڪي مروت ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

لڪي مروت ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو)لڪي مروت جي علائقي تختي خيل ۾ پوليس، سي ٽي ڊي ۽ سڪيورٽي فورسز جي گڏيل ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.پوليس ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته اڃا تائين دهشتگردن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، مارجي ويل دهشتگردن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڌيڪ دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو