لڪي مروت پوليس جي ڪارروائي، ٽي ٽي پي جا عارضي ٺڪاڻا تباهه

لڪي مروت پوليس جي ڪارروائي، ٽي ٽي پي جا عارضي ٺڪاڻا تباهه

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ)لڪي مروت پوليس سرحدي علائقي ۾ سرچ اينڊ اسٽرائڪ آپريشن دوران پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي عارضي ٺڪاڻن کي بمن سان تباهه ڪري ڇڏيو.پوليس موجب، ڪرڪ ۽ ميانوالي جي سنگم تي جبلن ۾ قائم هڪ ڪئمپ تباهه ٿي ويو.آءِ جي پي، ڪي پي، چيو ته پنجاب جي سرحد تي سڀئي عارضي پناهه گاهون، جن ۾ عباس خٽڪ ۽ ان جي آس پاس جا علائقا شامل آهن، بند ڪيا ويندا.هن چيو ته صفائي آپريشن آخري پناهه گاهه کي تباهه ڪرڻ تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو