لڪي مروت: پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جو حملو، 4 اهلڪار شهيد، 4 زخمي

لڪي مروت: پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جو حملو، 4 اهلڪار شهيد، 4 زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ بارگاه پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.لڪي مروت پوليس موجب واقعي ۾ 4 پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن.لڪي مروت پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن بارگي پوليس ٿاڻي تي 2 طرفن کان حملو ڪيو، جنهن بعد پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.لڪي مروت پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.لڪي مروت ۾ پوليس اسٽيشن تي حملي ۾ ڪانسٽيبل ابراهيم، عمران، خير الرحمان ۽ سبز علي شهيد ٿي ويا.زخمين ۾ اي ايس آءِ گل خان، ڪانسٽيبل بلقياز، امير نواز ۽ فرمان الله شامل آهن.شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو