لکي ۾ صحافين تي حملي ۽ پڊعيدن جي صحافي جي قتل خلاف مظاهرا

نوشهروفيروز/ ڪنڌ ڪوٽ(نمائندن وٽان) لکي ۾ صحافين تي حملي ۽ پڊعيدن ۾ قتل ڪيل صحافي جي خون جا مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪنڌ ڪوٽ ۽ نوشهرو فيروز ۾ صحافين احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب آڏو صحافين، راجا گوپي چند، حفيظ ملڪـ، غالب بلوچ، نصير منگي، ممتاز سنڌي، دلبر ڀنگوار، حضور بخش منگي ۽ ٻيا احتجاجي مظاھري ۾ شريڪ ٿيا. صحافين چيو ته لکي جي صحافين عبدلرزاق بروھي، نثار جاگيراڻي ۽ دلدار جي مٿان  حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ان موقعي تي هنن پڊعيدن جي شھيد صحافي علي شير راڄپر جي قاتل ٽائون ڪاميٽي چيئرمين شڪيل راڄپر کي به فور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته پوليس سندس ضمانت رد ٿيڻ بعد کيس گرفتار نه ڪري حڪومت جي وانگار وهي پئي.

هوڌانهن نوشهري ۾ پڻ ان ڏس ۾ پريس ڪلب سامهون صحافين ۽ شهيد صحافي جي وارثن پاران اڄ 14هين ڏينهن پڻ احتجاج جاري رهيو. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر، زاهد راڄپر، شهيد صحافي جو والد اقبال احمد راڄپر، ڀاءُ دائود راڄپر، خادم سيال، ماجد ميمڻ، قاسم اسراڻ، ممتاز سولنگي، مظهر خاصخيلي، مشتاق مري، غلام مرتضيٰ تڳر، غلام حسين سومرو ۽ ٻين چيو ته 14 ڏينهن گذرڻ باوجود قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار شڪيل راڄپر جو گرفتار نه ٿيڻ انتظاميه جي نااهلي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو