لکي غلام شاھ (ن س) لکي غلام شاھ لڳ سکر شڪارپور قومي شاھراه تي جهان خان ڀرسان چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو جن مان ھڪ ڄڻو 22 ورھين جو نوجوان نادرا ملازم اويس احمد ولد بدرالدين ميمڻ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي سکر جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جڏھن تہ ٻيو زخمي عليم احمد ولد نعيم احمد ميمڻ سخت زخمي حالت ۾ سکر جي اسپتال ۾ علاج جاري آھي ٻئي طرف فوتي نوجوان جو مڙھ گھر ۾ پهچن تي گھرڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ لکي غلام شاھ شھر ۾ سوڳ ڇائجي ويو جهان خان پوليس چنگچي رڪشا ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.










