ليڪچررز جي ڀرتين جي طريقي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش

ليڪچررز جي ڀرتين جي طريقي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ مختلف شعبن جي  15 سئو کان وڌيڪ  ليڪچرارن جي ڀرتين کي شفاف بڻائڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پيش ڪيل رپورٽ تي اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي پڻ ڀرتين لاءِ اهڙو ئي ميڪنزم جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ارشاد بيگم عباسي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ليڪچرارز جي ڀرتين لاءِ جوڙيل مڪينزم بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ليڪچرارز جي ڀرتين بابت امتحان ٻن حصن تي ٻڌل هوندو. سوالناما 80 سيڪڙو لاڳاپيل سبجيڪٽ بابت ۽ 20 سيڪڙو جنرل ناليج تي ٻڌل هوندو. پبلڪ سروس ڪميشن مطابق سوال نامي جي تياري ۾ آءِ بي اي سکر  کان مدد ورتي ويندي. ٽيسٽ دوران سمورن اميدوارن کي جواب لاءِ ڪاربن ڪاپي ڏني ويندي ۽ ٽيسٽ واري ڏينهن شام جو ئي درست جواب واري آپشن جو اعلان ڪيو ويندو. آءِ بي اي سکر طرفان هڪ اميدوار جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي جي امتحان ۾ شرڪت کي روڪڻ لاءِ ميڪنزم جوڙيو ويو آهي. امتحاني مرڪز جي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي نگراني به ڪئي ويندي. امتحان جي ٻئي حصي ۾ اميدوارن کان انٽرويو به ورتا ويندا. اميدوارن کي ڪنهن به موضوع تي ليڪچر به ڏيڻو پوندو. انٽرويو جي عمل ۾ به سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان نگراني ڪئي ويندي. انٽرويو ۾ آءِ بي اي يا ڪراچي يونيورسٽي جا استاد شامل هوندا. عدالت حڪم ڏنو ته اسڪول انتظاميه به استادن جي ڀرتين اهڙو ئي ميڪنزم جوڙي.

پهنجو تبصرو موڪليو