“ليلا جا آتڻ” برسات بعد ماڻهو نوادرات ميڙڻ لڳا

فيض گنج (ن سنڌيار) تازو وٺل برسات بعد تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي نوادرات ظاهر ٿي پيا، سونا زيور، قيمتي پٿر وغيرو ظاهر ٿيڻ بعد آس پاس جي علائقن جا ماڻهو ميڙڻ لاءِ پهچي ويا. تاريخي ماڳ جي مٽي مان اڀري نڪتل نوادرات حاصل ڪرڻ لاءِ ٽولن جي صورت ۾ پهتل ماڻهن جي ڳولا سبب ماڳ ميسارجن لڳو. مقامي ماڻهن سڪا، چوڙيون، مورتيون ۽ سونا زيور هٿ ڪري ورتا. اڄوڪي برسات بعد ڳوٺاڻن کي زمرد پٿر، سڪا ۽ سونا زيور هٿ آيا.تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ آرڪيالاجي کاتي جي بي ڌياني سبب لاوارث بڻيل هجڻ ڪري قيمتي نوادرات جي مالڪي نه ٿي، آرڪيالاجي کاتي پاران مقرر ٿيل چوڪيدار پڻ غائب ٿي ويا، جنهن ڪري ماڻهو بي خوف ٿي تاريخي نوادرات چوري ڪرڻ لڳا. قبضا مافيا پاران تاريخي ماڳ جي زمين خريد ڪرڻ بابت خبرون هلڻ بعد آرڪيالاجي کاتي سميت فيض گنج جي سول سوسائٽي نمائندا جاڳيا هئا ۽ قبضا مافيا تي ڪيس پڻ داخل ٿيو هو . مسلسل احتجاجن ۽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري پهتو هو جنهن روينيو ريڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد سائٽ وزٽ ڪرڻ دوران چيو هو ته قبضا مافيا پاران خريد ڪيل زمين تاريخي ماڳ جو حصو آهي، ڪجهه ڏينهن بعد آرڪيالاجي کاتي ظهير جوکيو ۽ سرويئرن پائپ لڳائي تاريخي ماڳ جون حدون طئي ڪيون هيون، اي سي فيض گنج ۽ مختيارڪار فيض گنج موجب تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ روينيو ريڪارڊ ۾ زرعي زمين ڄاڻايل آهي، فيض گنج جي روينيو عملدارن ۽ اڪري پوليس جي ملي ڀڳت سان قبضا مافيا تي داخل ڪيل ڪيس پڻ بي ڪلاس ڪري خارج ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي هئي، واضع رهي تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ اڪري چودڳي کان 3 ڪلوميٽر اولھه ڏکڻ ۾ نوشهري ۽ خيرپور ضلعي جي حدن ۾ واقع آهي جنهن جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته 3500 سئو سال پراڻو ڪاروباري مرڪزي شهر هو، تاريخي ماڳ تي ڪجهه ماڻهن پي ايڇ ڊي جون ٿيسز پڻ لکيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو