اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ليسڪو ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيل 12 آفيسرن جي بحالي جو نوٽيس ورتو. وزيراعظم جي نوٽيس تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي.نوٽيفڪيشن موجب اڳوڻو سيڪريٽري پاور شاهد خان ۽ موجوده سيڪريٽري توانائي به ڪميٽي ۾ شامل آهن، جڏهن ته آءِ بي ۽ ليسڪو بورڊ جو هڪ هڪ نمائندو ڪميٽي ۾ شامل آهي.ليسڪو انتظاميا تي الزام آهي ته هن 12 آفيسرن جي بحالي لاءِ رقم ورتي ۽ هڪ انٽرنيشنل ڪمپني کان سامان خريد ڪيو. نوٽيفڪيشن موجب ليسڪو انتظاميا تي الزام آهي ته ليسڪو معاملن ۾ ضابطن کي نظر انداز ڪرڻ سميت خانگي هائوسنگ سوسائٽي کي غير قانوني ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن.ذريعن موجب اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو چوڌري محمد امين جي مقرري خلاف قانون پاس ڪيو ويو، ڪميٽي موجوده ليسڪو چيف، چيئرمين بورڊ ۽ ٻين آفيسرن کي ڪالهه اسلام آباد طلب ڪري ورتو.توانائي ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي حتمي رپورٽ 10 جنوري تائين وزيراعظم کي موڪليندي.










