ليبارٽري مان نمرتا جي فارينزڪ رپورٽ جاري

سکر (بيورو رپورٽ) روهڙي ليبارٽري انتظاميا نمرتا جي فارينزڪ رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سندس جسم ۾ زهر ۽ نشي آور شئي جي موجودگيءَ جي حوالي سان ڪي به علامتون نه مليون آهن.روهڙي ليبارٽري جي انتظاميا نمرتا واقعي حتمي فارينزڪ رپورٽ مڪمل ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته نمرتا جي جسم ۾ نشي يا زهر جون ڪي به علامتون نه مليون آهن. ليبارٽري انتظاميا جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو پوليس طرفان نمرتا جي ننڍي آنڊي، معدي، بُڪي ۽ تِري جا جُزا موڪليا ويا، جڏهن ته ليبارٽري کي اِن معاملي جي فارينزڪ ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي وئي ته آيا نمرتا جي جسم ۾ زهر يا نشي جا ڪي عنصر موجود آهن؟روهڙي ليبارٽري جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ لاڙڪاڻو جي پوليس ئي جاري ڪندي، ڇاڪاڻ ته کين رڳو نشي ۽ زهر جي حوالي سان ٽيسٽ ڪرڻ جو چيو ويو هو، اهڙي رپورٽ تيار ڪري لاڙڪاڻو پوليس ڏانهن موڪلي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو