لاھور (ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان رابطو ڪيو آهي.لياقت بلوچ سان پي ٽي آءِ جي اسد قيصر ۽ حسين اخندزاده رابطو ڪيو.پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ لياقت بلوچ وچ ۾ سياسي صورتحال ۽ گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.لياقت بلوچ چيو ته مخالف ڌر جو وفد جماعت اسلامي جي امير سان ملاقات لاءِ منصوره ايندو.










