لياري گينگ وار جو سربراهه عذير بلوچ وڌيڪ 3 ڪيسن مان بري

لياري گينگ وار جو سربراهه عذير بلوچ وڌيڪ 3 ڪيسن مان بري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گنيگ وار جي سربراهه عذير بلوچ کي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ بري ڪري ڇڏيو آهي عدالت شاهديون نه ملڻ جي صورت ۾ ٽنهي ڪيسن ۾ عذير بلوچ کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ڪيس ۾ بري ٿيلن ۾ عذير بلوچ سان گڏ ذاڪر ڏاڏا ۽ شاهد عرف ايم سي بي به شامل آهن عذير بلوچ جي وڪيل عابد زمان موجب پوليس طرفان عذير بلوچ تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن،پوليس شاهديون عدالت ۾ پيش ناهن ڪيون عذير بلوچ ۽ ٻين جوابدارن خلاف ٽئي ڪيس ڪلري ٿاڻي ۾ 2017ع ۾ داخل ڪيا ويا هئا، جن ۾ قتل، اغوا ۽ پوليس مقابلي جا قلم شامل هئا

پهنجو تبصرو موڪليو