ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي ننڍي چونڊن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي کين شاباش ڏيون ٿا. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي ملير ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين ۽ ملتان ۾ وائس چيئرمين کي عبرتناڪ شڪست ڏني. لياري مان پي ٽي آءِ ڀڄي وئي، 100 سيڪڙو نبيل گبول لياري مان کٽي وڃي ها. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو احترام پر عين وقت تي اسٽي آرڊرز جاري ڪرڻ سمجهه کان مٿي آهي. لياري جي عوام کي پنهنجو حقيقي نمائندو چونڊڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو . هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي گذارش آهي ته لياري ۾ ننڍي چونڊ تي اسٽي آرڊر ختم ڪيو وڃي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اسيمبلي ته وڃڻو ناهي، تنھن ڪري اين اي 239 ڪورنگي، مردان، پشاور، چارسده، فيصل آباد ۽ ننڪانه صاحب جي عوام ٻنٽن مهينن بعد هڪٻيننڍي چونڊ لاءِ تيار ٿي وڃي. ھن چيو تہ عمران خان رياست جي ھر اھم معاملي کي مذاق بڻائيڇڏيو آهي . عمران خان قوم جي پيسن، ملڪي سالميت ۽ قومي ادارن سان کيڏندو رھي ٿو.










