ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته لياري جي سڃاڻپ رانديون آهن ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ان سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ ڀرپور ڪوششن ۾ سرگرم عمل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ لياري ڪڪري گرائونڊ ۾ ڪراچي نيبر هوڊ امپروومينٽ پروگرام (KNIP) تحت باڪسنگ ايرينا جي دوري دوران آفيسرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪي اين آءِ پي جي عملدارن سنڌ حڪومت جي ترجمان کي پروگرام بابت بريفنگ ڏني، جنهن تي سنڌ حڪومت جي ترجمان ترقياتي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته لياري ۾ جديد اسپورٽس اسٽيڊيم جي اڏاوت سان هتي راندين جي سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ملندي ڇو ته لياري ۾ اسپورٽس جو بي پناهه ٽيلنٽ موجود آهي جنهن مان اسان کي ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ هفتي لياري ڪڪري اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ باڪسنگ ايرينا جي شروعات ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ڪراٽي ايرينا ۽ اسپورٽس پويلين کي فعال ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون وينديون.










