لياري بينظير هسپتال تي ڇاپو، ريڪارڊ هٿ، جانچ شروع

ڪراچي(بيورو رپورٽ) اينٽي ڪرپشن ٽيم لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج تي ڇاپو هڻي ڀرتين جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. 2016 ۾ قائم ٿيندڙ هن ميڊيڪل ڪالج هسپتال جي انتظاميا تي الزام آهي ته گذريل ٻن سالن دوران هسپتال ۾ سوين ملازم قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ڀرتي ڪيا ويا آهن.

انتظاميا تي پهنجا نوازڻ ۽ من پسند ماڻهن کي ملازمتون ڏيڻ جو به الزام آهي. اينٽي ڪرپشن جي ٽيم لياري پهچي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران لاڳاپيل عملدارن کان پڇاڳاڇا بعد 2018 کانپوءِ ٿيل ڀرتين جو ريڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن اختيارين جو چوڻ آهي ته شڪايتون مليون آهن ته ڪاليج ۾ 2018 کانپوءِ غيرقانوني ڀرتيون ٿيون هيون، جنهن جي جاچ لاءِ ريڪارڊ گهربل هو. اهلڪارن جو اهو به چوڻ آهي ته ريڪارڊ جو جائزو وٺڻ بعد گرفاريون عمل ۾ اينديون. ياد رهي ته ٻ ڏينهن اڳ ڪوٽڙي ۾ قائم بلاول ڀٽو ميڊيڪل ڪالج تي نيب ۽ ايف آئي اي ڇاپو هڻي ريڪارڊ قبضي ۾ ورتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو