لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار عوام جون سفري مشڪلاتون گھٽائڻ لاءِ لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس جي نان اسٽاپ سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. اُن حوالي سان اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ھڪ اھم ترين اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ڪرن شيخ، نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جي ميمبر منير ميمڻ، ڊي آءِ جي ھاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس جاويد علي مھر، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز، اين آر ٽي سي جي نمائندن شعيب احمد، عبدالشڪور آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوام جي سفري مشڪلاتن کي گھٽائڻ لاءِ لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڃي. اجلاس ۾ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جي ميمبر منير ميمڻ 7 ڊي آءِ جي ھاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس جاويد علي مھر لياري ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ جي حوالي سان اجلاس کي آگاھي ڏني. اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾، لياري ايڪسپريس وي تي ابتدائي طور تي ٽيسٽ بس ھلائڻ ۽ لياري ايڪسپريس وي ۽ لياري ايڪسپريس وي تي بس سروس شروع ڪرڻ جي حوالي سان سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته لياري ايڪسپريس وي تي پيپلز بس سروس جي سروس شروع ٿيڻ سان باقي روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گھٽ ٿيندو، سنڌ سرڪار عوام کي بھترين سفري سھولتن جي فراھمي لاءِ سرگرم آھي. شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون ڏنيون ته 11 جون تائين ٽيسٽ بس سروس ۽ سروي وارو ڪم مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو